اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي جو بنيادي سبب درآمدي ناڻي واڌ آهي، بدقسمتي سان اسان جي ??لڪ جو نظام اشرافيا جي ??اءِ آهي، انصاف، تعليم، قرض سميت سڀئي سهولتون اميرن ۽ اشرافيا لاءِ هيون، حضرت محمد ﷺ پهرين فلاحي رياست ٺاهي پوءِ خوشحالي آئي، ماضي ۾ اختيار ڪيل اهو تصور غلط هو ته پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي رياست ٺاهينداسين، انسانيت ۽ انصاف سولائيزيشن جو بنياد آهي، عالمي سطح تي تيل جي ??يمتن ۾ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو پر اسان ليوي ۽ سيلز ٽيڪس ۾ 400 ارب روپين جو ساليانو خسارو برداشت ڪري صرف 22 سيڪڙو اضافو ڪيو، قيمتن ۾ اضافي جو اسان کي احساس آهي، انهي لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪمزور طبقن کي ??اگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون. هو ڪامياب پاڪستان پروگرام جي جاري ڪرڻ جي ??وقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي ناڻي وارو وزير، وزيراعظم جو نوجوانن واري معاملن وارو خاص مددگار عثمان ڊار، پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انوار علي حيدر به خطاب ڪيو. وزيراعظم ناڻي واري وزير شوڪت ترين ۽ ان جي ??يم کي ڪامياب پاڪستان پروگرام جي آغاز تي مبار??با?? ڏيندي چيو ته اهو پروگرام 74 سال پهرين شروع ٿيڻ گهرجي ??ا، اسان جي اها سوچ غلط هئي ته پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي رياست ٺاهينداسين، وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست جي ڳالهه اسان دنيا جي ڪامياب ترين ماڊل جي ڪري ڪندا آهيون، اهو تاريخ جو حصو آهي اها هڪ حقيقت ۽ تاريخ آهي ته هڪ اهڙي تهذيب جنهن جي ڪا حيثيت نه هئي، هو دنيا جي امام بڻجي ??ئي.وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سنت ۽ شريعت جي ??يروي جو حڪم اسان جي بهتري لاءِ آهي، جيڪڏهن اسان ان کي اختيار ڪنداسين ته اسان جو پنهنجو ڪردار بهتر ٿيندو، وزيراعظم چيو ته مديني ۾ پهرين فلاحي رياست ٺاهي وئي ۽ پوءِ خوشحالي آئي، هن چيو ته چين ۽ هندستان 3، 4 ڏهاڪا اڳ برابر هئا، پر اڄ چين ڀارت جي ??قابلي ۾ ترقي جي رستي تي تمام اڳتي نڪري چڪو آهي، چين مديني جو ماڊل اختيار ڪيو، پنهنجي ڪمزور طبقن کي ??ٿي کنيو، غربت جو خاتمو ڪيو انهن ماڻهن لاءِ ڊگهي مدي واري پروگرام ٺاهيا، چين جيتري آبادي غربت مان ڪڍي ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ??ثالي اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ لاءِ جيڪو بنيادي اصول اختيار ڪرڻ گهرجي ??ا ان تي طرف ڌيان نه ڏنو ويو. بدقسمتي سان اسان جو ملڪ هڪ مخصوص اشرافيا جو ملڪ بڻجي ??يو، اسان جي تعليمي نظام ۾ هڪ مخصوص طبقي لاءِ موقعا هئا، اسان هڪ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻي رهيا آهيون ان تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. انصاف، تعليم، قرض، صحت جون سهولتون سڀ اشرافيا جي ??اءِ هيون، وزيراعظم چيو ته 1700ع ۾ هندستان جو جي ڊي پي 24 سيڪڙو هو، اتي اميرن ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي ??عيار ۾ واضح فرق هو، اميرن جي جزيرن ۽ غريبن جي سمنڊ سان گڏ ڪو به معاشرو ڪامياب نٿو ٿي سگهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي ??چولي طبقي کي ??ٿي آڻيون ان جي ??اءِ هائوسنگ جي شعبي ۾ فنانسنگ جو مشڪلاتون ختم ڪيون، ڪمرشل بئنڪن وٽ انفرااسٽرڪچر۽ تربيت جي گهٽتائي جي ڪري اسان ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي ??ائيڪرو فنانس جي تصور سان اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام هڪ سنگ ميل ٿيندو، عام ماڻهو جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدمن سان برڪت ايندي آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو مقصد غريب ماڻهو کي علاج جي ??فت سهولت جي ??راهمي هو، ان وقت اسان کي چيو ويو ته جيڪڏهن 50 سيڪڙو کان وڌيڪ غريب م??يض?? جو مفت علاج ڪيو ويو ته اسپتال بند ٿي ويندي، اسان 70 سيڪڙو م??يض?? جو مفت علاج شروع ڪيو هر گذرندڙ سال اسان کي ??اڪستانين پاران ملندڙ عطئي ۾ اضافو ٿيو، هر سال 90 ارب روپيا مفت علاج تي خرچ ٿي رهيا آهن، اها الله جي برڪت آهي، غريبن جو دعائون الله ٻڌندو آهي، اسان ماضي ۾ ڪمزور ۽ غريب طبقي لاءِ نه سوچيو، حڪومتي نظام اشرافيا لاءِ بڻجي چڪو آهي، ان کي تبديل ڪرڻ تي مزاحمت ٿيندي آهي، وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ ايندڙ مسئلن جي ??انيٽرنگ لاءِ نظام هجڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته حڪومت غربت کي ??نهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪري رهي آهي، دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات جي ??يمتن ۾ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته اسان 22 سيڪڙو اضافو ڪيو جن ملڪن ۾ تيل جي ??يداوار آهي ان کانسواءِ تيل درآمد ڪندڙن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي ??يمتن ۾ سڀني کان گهٽ اضافو اسان ڪيو، ڪڻڪ ۾ دنيا ۾ ستٽيهه سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان صرف 22 سيڪڙو اضافو ڪيو، دنيا ۾ کنڊ جي ??يمت ۾ 40 سيڪڙو جڏهن ته اسان 21 سيڪڙو اضافو ڪيو، قرضن جي باوجود اسان ڪمزور طبقي تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو، پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي ڪئي، ان سان ساليانو 40 ارب روپيا خسارو برداشت ڪيو، ان جي ??قابلي ۾ هندستان سيلز ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي نه ڪئي، وزيراعظم چيو ته اسان کي ??يمتن ۾ اضافي جو احساس آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٽارگيٽيڊ سبسڊي آڻي رهيا آهيون جنهن تحت روزمره جي استعمال جي شين تي 40 سيڪڙو سبسڊي ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته اسان 70 سيڪڙو گيهه درآمد ڪندا آهيون، درآمدي ناڻي واڌ جي ڪري مهانگائي آهي.