پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير به وزيراعظم سان گڏ ه??ا. ??اڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي ??وجب ڪورهيڊڪوارٽرز آمد تي وزيراعظم يادگارشهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي کيس سيڪيورٽي جي م??جوده صورتحال، جاري استحڪام جي ڪاررواين، پاڪ افغان بارڊر تي خاردار تار لڳائڻ ۽ نون ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي م??صوبن جي باري ۾ تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي پاڪ افغان بين الا??وا??ي سرحد تي سيڪيورٽي جي بدلجندڙ صورتحال کي م??هن ڏيڻ لاءِ ڪيل منصوبابندي کان به آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم پاڪستان جي جامع بارڊر مينيجمينٽ رجيم جي افاديت ۽ موثر سرحدي ڪنٽرول ۽ داخلي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل عملي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي م??صوبن جي تڪميل لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي جيڪا علائقي جي پائيدار استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ اهم آهي، وزيراعظم ڪورونا، ماڪڙ، پوليو جي خاتمي جي م??م ۽ وڻڪاري جي دوران سول انتظاميه جي مدد تي به فارميشن جي ڪردار کي ساراهيو.