اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪي??ن ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 44 فوتگيون ٿيون جنهن مان 20 فوتگي??ن وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾4 هزار 119 ماڻهن جا ڪورونا ??يس?? مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 17 سي??ڙو، پشاور ۾ 17 سي??ڙو، لاهور 20 سي??ڙو ۽ اسلام آباد ۾ 34 سي??ڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 27، ڪراچي ۾ 52 سي??ڙو، اسلام آباد ۾ 29 سي??ڙو ۽ گلگت ۾ 43 سي??ڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 52 هزار 291 ??يس?? ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 18 هزار 737، پنجاب ۾ 18 هزار 29، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 600، اسلام آباد ۾ 3 هزار 404، بلوچستان ۾ 1 هزار 878، گلگت بلتستان ۾ 782، آزاد ڪ??مير ۾ 861 ??يس?? شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 35 هزار 42 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪ??مير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 294 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 56 هزار 952 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 15 هزار 827 آهي جن مان آزاد ڪ??مير ۾ 23 هزار 370، بلوچستان ۾ 29 هزار 861، گلگت بلتستان ۾ 7 هزار 896، اسلام آباد ۾ 86 هزار 226، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 42 هزار 400، پنجاب ۾ 3 لک 54 هزار 312 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 71 هزار 762 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 133 ٿي چڪو آهي.