اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي 8487 ارب رپين جي وفاقي ب??يٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، سرڪاري ??لازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 س??ڪڙ?? ايڊهاڪ ريليف ڏنو ويو آهي، واڌويجهه جي شرح جو هدف 4.8 س??ڪڙ?? رکيو ويو آهي، گاڏين جي قيمتن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن تي سيلز ٽيڪس 17 س??ڪڙ?? کان گهٽ ڪري 12.5 س??ڪڙ?? ڪرڻ ۽ گاڏين تي ويليو ايڊيڊ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، موبائيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي ب??يٽ جو ماپو 900 ارب رپيا آهي، گهٽ کان گهٽ اجرت 20 هزار ماهوار مقرر ڪئي وئي آهي، اوڳاڙين جو ڪاٿو 7909 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي جيڪو گذريل سال جي نظرثاني ??يل 6395 ارب رپين جي ماپي جي ڀيٽ ۾ 24 س??ڪڙ?? وڌيڪ آهي، نان ٽيڪس روينيو ۾ 22 س??ڪڙ?? اضافو ڪيو ويو آهي، مجموعي سبسڊيز جو ڪاٿو 682 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، احساس پروگرام جي لاءِ 660 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، زراعت، چوپائي مال سميت مختلف شعبن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري ??فاقي وزير شوڪت فياض ترين قومي اسيمبلي ۾ ب??يٽ پيش ڪئي.