اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) آبادگار برداري وزيراعظم عمران خان جي موثر قدمن کي ساراهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب اسيمبلي مان شوگر فيڪٽريز ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2021ع منظور ٿيو ۽ صوبي ۾ ڪمند جي آبادگارن کي 80 کان 90 ارب روپين جو ??ڌو سنئون فائدو ٿيو آهي، آبادگارن جي نمائندن وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي قيادت کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيندي چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت يا اڳواڻ آبادگارن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪڏهن ايترو اونو نه ڪيو. 73 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آبادگارن جي مفادن جو ??حفظ ڪيو آهي، ا?? موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير سيد فخر امام، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار مسرت اقبال چيمه ۽ وزيراعظم جو ??اص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هئا. آبادگارن جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم اقتصادي واڌ ۾ زرعي شعبي جي اهم ڪردار جو ??ڪر ڪندي چيو ته زرعي شعبو ملڪي ترقي لاءِ حڪومت جي اولين تر??يح آهي، هن آبادگارن جي نمائندن کي خاطري ڪرائي ته آبادگارن جو ??ستحصال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، منافع ۽ منافع خوري ۾ فرق هوندو آهي، حڪومت انهن کي ڳٺ جوڙ ۽ مافيا جي استحصال کان تحفظ فراهم ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، زراعت ۽ صنعتي شعبن جي وسيع تر ترقي سان جڙيل آهي، تنهن هوندي به الله تعاليٰ جي قانو?? موجب جيڪا قوم قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي پيروي ناهي ڪندي اها اڳتي نٿي وڌي سگهي. وزيراعظم ان ڏس ۾ حضرت علي جي قول جو ??والو ڏنو ته ڪفر جي حڪومت قائم رهي سگهي ٿي ناانصافي جو نظام نٿو هلي سگهي. وزيراعظم، چيو ته هو ڪنهن لابي جو ??صو نه آهي ۽ نه ئي ان جا پاڪستان ۾ڪي ڪاروباري مفاد آهن، الله تعاليٰ پاڪستان کي هر قسم جي نعمتن سان نوايو آهي، بدقسمتي سان ملڪ ناانصافي جي ڪري ترقي کان هٽي تنزلي جو ??رف ويو آهي