اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عم?? وزيراعظم عمران خان کي سنڌ ۾ بدانتظامي خ??ص طور تي امن امان ۽ وڌندڙ ڏوهن تي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم گهرو وزير کي سنڌ جو دورو ڪرڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي صورتحال تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي.