اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 74 فوتگيون ٿيون جنهن مان 40 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 1 هزار 563 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 74 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 63 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 11 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 36 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ??لڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 44 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 285 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 83، پنجاب ۾ 16 هزار 704، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 537، اسلام آباد ۾ 5 هزار 994، بلوچستان ۾ 373، گلگت بلتستان ۾ 323، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 م??ن صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 92 هزار 207 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 299 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 820 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 37 هزار 477 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 877، بلوچستان ۾ 18 هزار 765، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 903، اسلام آباد ۾ 40 هزار 972، خيبرپختونخواهه ۾ 65 هزار 953، پنجاب ۾ 1 لک 55 هزار 214 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 42 هزار 793 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 11 هزار 450 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 925 فوتگيون، جڏهن ته ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران 19 م??يض اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 646 فوتگيون جڏهن ته ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران 33 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 5 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 857 فوتگيون جڏهن ته ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 469 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو، بلوچستان ۾ 193 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 258 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 77 ??ک 64 هزار 114 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 644 مريض علاج هيٺ آهن.