رياستي ميڊيا رياست جي تشخص کي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌائي: چوڌري فواد حسين

image
APP34-03 ISLAMABAD: January 03 – Federal Minister For Information And Broadcasting, Chaudhry Fawad Hussain, addressing on the occasion of passing out ceremony of the batch of newly graduated Information Group Officers belonging to 35th Specialized Training Program at Information Service Academy. APP

اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته انفارميشن گروپ ۽ رياستي ميڊيا جي ذميواري آهي ته اها رياست جي تشخص ۽ بيانيي کي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌائي، انفارميشن سروس اڪيڊمي، ريڊيو ۽ پي ٽي وي جي اڪيڊمي کي ضم ڪري پاڪستان جي پهرين اسٽيٽ آف آرٽ ميڊيا يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان پاڻ ريڊيو ٽرانسميٽر ٺاهيندڙ ملڪ هو. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ 35 هين اسپيشلائيزڊ ٽريننگ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب