اسلام آباد – 30 ن??مب?? (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ صحافين جي تحفظ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ضروري قانونسازي ڪئي پئي وڃي. نيشنل پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام ??ي خطاب ڪندي هن چيو ته ??اضي ۾ ميڊيا پروفيشنلز جي سگهه ۾ اضافي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، وزارت ميڊيا پروفيشنلز جي تربيت تي ڌيان ڏيندي.