اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بيانيو ترقي يافته ۽ ر??شن پاڪستان جو بيانيو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي سرزمين تي بيهي دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي، صدر ٽرمپ جو بيان سفارتي حوالي ??ان انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسلام آباد ۾ جاپان ڪراٽي ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي اه??ما?? هيٺ ڇهين جي ڪي نيشنل ڪراٽي ڪيمپ جي عنوان ??ان ايجوڪيشن ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو.