اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ غ??طيون ڪري جنگين جو حصو بڻياسين ۽ وڏو نقصان کنيو، پاڪستان هاڻي ڪنهن به جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو، اسان امن ڪرائيندڙ ملڪ بڻجنداسين، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دوستي ڪر??ئڻ جي ڪوشش ڪنداسين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به چيو آهي ته اسان آمريڪا ۽ ايران جي دوستي ڪر??ئڻ لاءِ تيار آهيون جنگ ڪو به کٽي نٿو سگهي، نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، هنرمند نوجوان پروگرام تحت کين اعليٰ تعليم ?? هنر فراهم ڪنداسين جنهن سان هو ملڪ کي سپر پاور بڻائي سگهن ٿا، مدرسن جي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اتي به فني سکيا سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان سڄي مسلمان دنيا لاءِ مثال بڻجندو ۽ قيادت ڪندو، ماضي ۾ اسان ڪنهن ٻي جي جنگ ۾ حصو بڻجي تمام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي پاڪستان ڪنهن جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ هي اهو ملڪ بڻجندو، جيڪو ملڪن جي اندر امن پيدا ڪندو. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن هنرمند پاڪستان پروگرام جي باقاعده آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو