اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ منصوبن جي جل?? تڪميل لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ سان خطي جي قسمت بدلجڻ ۽ خطي ۾ خوشحالي جو نئون باب کلندو. وزيراعظم تازو ئي گوادر جي دوري ۾ اربين روپين جي منصوبن جو اعلان ڪيو، سي پيڪ جي خلاف مخالفن جي پروپيگنڊا کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪست??ني ميڊيا جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ”بيلٽ ۽ روڊ جي حصيدارن ۾ ڪراس ريجنل ميڊيا فيوزن“ جي عنوان سان عالمي ڪانفرنس کي خ??اب ڪري رهي هئي.