لاهور -25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آهي، ته پاڪ پي ڊبلي?? ڊي جي خاتمي سبب فارغ ٿيندڙ ملازمن کي ڏني ويندڙ مالي پئڪيج انهن ملازمن تي هرگز لاڳو نه ٿيندو، جن تي ڪرپشن جا سنگين الزام ثابت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ه??ٺ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي خاتمي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪ پي ڊبلي?? ڊي کي ختم ڪرڻ جي حتمي مرحلي ۽ قانوني رخن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبلي?? ڊي جي خاتمي سبب فارغ ٿيندڙ ملازمن کي ملندڙ پئڪيج انهن ملازمن لاءِ هرگز ناهي، جن تي ڪرپشن جا سنگين الزام ثابت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪ پي ڊبلي?? ڊي تحت جاري منصوبن جي صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن کي منتقلي جو حتمي لائحه عمل جلد کان جلد پيش ڪيو وڃي. پاڪ پي ڊبلي?? ڊي کي ختم ڪرڻ بابت سموريون حتمي تجويزون ڪابينا سامهون پيش ڪيون وڃن. وزيراعظم پاڪ پي ڊبلي?? ڊي جي گهٽ مدت وارن ملازمن ۾ محنتي ۽ ايماندار ملازمن کي ٻيهر روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ايج رليڪسيشن جي تجويز ت?? عملدرآمد جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وا??و وفاقي وزير احد چيمه، ناڻي وا??و وفاقي وزير محمد اورنگزيب، رٿابندي ۽ ترقي وا??و وفاقي وزير احسن اقبال، هائوسنگ ۽ ورڪس وا??و وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا.