اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير ت??را?? جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي ل??ءِ ڪشميري?? جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اها ??الهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي طور ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ”استحصال ڏهاڙو“ ملهايو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي قدم?? جي سنگين نتيجن طرف ڇڪرايو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.