اسلام آباد-09 سيپٽمبر(اي پي پي) نگران ??رڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ??ين??ڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي ??جلاس (سي و??ئي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. ??رڏ??هي آفيس مان جاري بيان موجب دولت مشترڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي ??جلاس منعقد ڪري رهيو آهي. پاڪستان ان اجلاس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ??ين??ڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي ??ربراهن جي اجلاس کان پهرين ايجنڊا ترتيب ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اجلاس جو ٿيم ؛ ايم هائر: ڊليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ؛ آهي، جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران ??رڏ??هي وزير جي لنڊن وزارتي ??جلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان به ملاقات متوقع آهي. پاڪستان دولت مشترڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. بيان موجب پاڪستان نوجوانن کي معاشي طور تي ??ااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ م??غو??يت لاءِ پرعزم آهي، خاص طور تي ??ڏهن دولت مشترڪه ۽ حڪومت پاڪستان 2023ع تي نوجوانن جي سال جي طور تي مله??ئي رهي آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمينٽ ۽ ماحوليات جي چئن بنيادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي اهي جن تي ??يندڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.