اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان اسلام آباد جي علائقي پشاور موڙ ۾ قائم پناهه گاهه جو درو ڪيو. وزيراعظم جي خاص مددگار ثانيه نشتر، سينيٽر فيصل جاويد، ۽ پاڪستان بيت المال جو ايم ڊي عون عباس به ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم پناهه گاهه جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ پناهگاه جي ان??ظامن ۽ سهولتن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عون عباس وزيراعظم کي پناهگاهن جي ان??ظامن ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، وزيراعظم پناهگاهن جي ان??ظامن کي ساراهيو ۽ چيو ته پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي عزت نفس جو احترام يقيني بڻايو وڃ?? ۽ کين معياري سهولتون فراهم ڪيون وڃ??.