اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ تعميرات جي شعبي ۾ حڪومتي ??راعاتي ??ئڪيج جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين ۽ مختلف هائوسنگ منصوبن جي تعمير جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿ??و. ??جلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪاروباري برادري جي نمائندگي ناليواري ڪاروباري شخصيت عارف حبيب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي ??اليسين جي ڪري معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي. ڪورون?? جي ڪري نه رڳو علائقائي پر سڄي دني?? جي معيشت متاثر ٿي پر حڪومت جي بهتر حڪمت عملي جي ڪري جتي ڪورون?? جي نقصانن کي هر ممڪن حد تائين روڪيو ويو اتي ڪورونا ۾ گهٽتائي آڻڻ کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌي رهيون آهن. ان حوالي سان عارف حبيب فرٽيلائيزرز، اسٽيل جي شعبي، ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين شعبن ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ سامهون ايندڙ بهتري بابت وزيراعظم کي بريف ڪ??و. ??ارف حبيب ڪاروباري برادري ۽ خاص طور تي تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن جي نمائندگي ڪندي حڪومت پاران مراعاتي ??ئڪيج، سهولتڪاري ۽ نظام کي آسان بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي ??ورا مڃيندي چيو ته حڪومت پاران تعميرات جي شعبي ۾ تاريخي مراعتن ۽ سهولتڪاري سان ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.