لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاهور جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي، اهو منصوبو لاهور جي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، منصوبو مقرر مدي ۽ لاڳت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ مقامي افرادي قوت ۽ وسيل کي استعمال ۾ آندو وڃي، سيڙپڪارن کي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پلان جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ ۽ تع??يرات بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر، وزيراعظم جي صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي صوبائي وزير ميان محمود الرشيد، صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي چيف سيڪريٽري، ايل ڊي اي جي وائيس چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وڊيو لنڪ ذريعي خاص معاون ملڪ امين اسلم، ايف بي آر چيئرمين، هائوسنگ، منصوبابندي، توانائي، پيٽروليم، قانون وارن وفاقي سيڪريٽرين، سي ڊي اي ??يئرمين پڻ شرڪت ڪئي. خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين عوامي سهولت جي لاءِ قائم ڪيل ون ونڊو آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ جي حوالي ??ان بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پورٽ جاري ڪرڻ ??ان ڪو به خواهشمند شهري ڪو به تع??يراتي منصوبو شروع ڪرڻ جي لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگهندو. ان پورٽل ??ان انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ ٿيندي ۽ هر موقعي تي درخواست ۾ اڳڀرائي جي خبر پئجي سگهندي. وڌيڪ اهو ته ان پورٽل ??ان لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي متعين ڪرڻ جو موقعو به ملندو. وزيراعظم سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه پاران آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ کي ساراهيو.