اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يشنل ريڊيو ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي آر سي) هري پور جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وينٽي ليٽر جي پيداواري سهولت جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان ??وجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير فوا?? چوڌري، توانائي وارو و??ير عمر ايوب خان، وزيراعظم جو ڪووڊ 19 بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر فيصل سلطان، اين ڊي ايم اي ??يئ??مين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ اعليٰ عملدار به ان ??وقعي تي موجود هئا.