اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊ??ڪٽ?? فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن سان ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪيو نه اڳتي ڪندو، ڪرپشن ڪنگز ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي پنهنجا گناهه لڪائڻ جي ??اءِ ڍال طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام جي خلاف ڪرپشن جو گناهه انهن پنهنجي دور ۾ ڪيو آهي، اهڙين حرڪتن سان لڪڻ وارا نه آهن، ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنواني جو خاتمو وزيراعظم عمران خان جو نصب العين آهي، عمران خان جي ??يادت ۾ موجوده حڪومت احتساب جي ايجنڊا کڻي آئي، ان عوامي ايجنڊا کي هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊ??ڪٽ?? فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جنهن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جي حوالي سان ميڊيا، اخبارن، سول سوسائٽي ۽ عوام ۾ هڪ بحث هلي رهيو آهي، ضروري آهي ته ان جي ??نهنجي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي.