اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? چيو آهي ته محمد نواز شريف کي طبي بنيادن تي ضمانت ?? سزا معطلي جي عدالتي فيصلي کي حڪومت تسليم ڪري ٿي، اڃا تائين نواز شريف پاران ٻاهرئين ملڪ علاج جي درخواست ناهي آئي. ميڊيا بريفنگ دوران مختلف سوالن جي جواب ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? چيو ته ميان محمد نواز شريف جي 8 هفتن جي لاءِ طبي بنيادن تي ضمانت منظور ?? سزا معطل ٿي وئي آهي، پنجاب جو وڏو وزير ۽ نيب جا عملدار پڻ عدالت ۾ موجود هئا، اهو مسلسل هڪ عمل هلي رهيو هو.