تهران- 23 ??نوري (اي پي پي) ايران جو صدر ابراهيم رئيسي اڄ 24 جنوري تي ترڪيه جو دورو ڪندو. شنهوا جي رپورٽ مطابق ايران جو صدر ابراهيم رئيسي پنهنجي ترڪيه جي هم منصب رجب طيب اردوان جي دعوت تي اڄ سرڪاري دوري تي انقيه روانو ٿيند??. ه?? اعليٰ سطحي سياسي ۽ اقتصادي ??فد ايران جي صدر سان گڏ ترڪيه ويندو. ٻئي معزز صدر هڪ نجي ملاقات پڻ ڪندا. ترڪيه – ايران اعليٰ سطح جي سهڪار ڪائونسل جي اٺين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا ۽ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪندا. ٻئي صدر ترڪيه – ايران واپارين ۽ ڪاروباري شخصيتن جي گڏيل اجلاس ۾ به شرڪت ڪندا.