لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کان 30 ارب ڊالر جو ??ٽاسٽا جو ??اڻو ملڪ آيو، افغانستان جي منجمند اثاثن کي کوليو وڃي، افغان عوام کي اڄ مالي ۽ انساني مدد جي ضرورت آهي، ??و”پاڪستان هائوس لنڊن“ ۾ برطانيه جي پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن کي چوندس ته هو افغانستان جي مسئلي کي پارليامينٽ ۾ ضرور اجاگر ڪن، افغانستان ۾ عدم استحڪام توهان کي نظر اچي رهيو آهي اهو اڳوڻن ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري آهي. هن چيو ته افغانستان جي 34 صوبن ۾ طالبان کي ڪنهن مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پيو، تاشقند ۾ اشرف غني پاڪستان تي هروڀرو الزام لاڳايا ۽ پاڪستان کي صورتحال جي خرابي جو ذميدار قرار ڏنو، نائين اليون کانپوءِ ????ان کان تقاضا ڪئي وئي ۽ ا??ان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اتحادي بڻجون، ا??ان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ا??ان کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو ??قصان کڻڻو پيو، هن چيو ته ا??ان افغانستان جي صورتحال جي حوالي ??ان حقيقتن کي دنيا جي سامهون رکيو، پرڏيهي وزير عالمي برادري کي چيو ته هو افغانستان کي اڪليو نه ڇڏي، افغانستان ۾ هڪ انساني بحران جنم وٺي رهيو آهي جيڪڏهن ان جو ??وري ازالو نه ڪيوويو ته پناهگيرن جي يلغار کي منهن ڏيڻو پوندو. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته هن افغانستان ۾ عورتن کي برقي بنا ڪابل جي رستن تي ڏٺو آهي ۽ ٻارڙين کي اسڪول ويندي ڏٺو آهي ۽ منهنجي ڄاڻ موجب اڄ افغانستان جي اندر امن امان جي صورتحال بهتر آهي، ا??ان افغان شهرين جي مدد ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي وزير عالمي برادري کي چيو ته هو افغانين جي انساني بنيادن تي مدد ڪن ۽ ۽ افغانستان جي منجمند اثاثن کي کوليو وڃي، اڄ کين مالي ۽ انساني مدد جي ضرورت آهي. اڄ جيڪڏهن عالمي برادري هٿ پوئتي ڪيو ته ان جي نتيجي ۾ ايندڙ تباهه ڪارين جو ذميدار ڪري هوندو؟. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ قائم ڪرڻ گڏيل ذميداري آهي. ڪشمير جي حوالي ??ان پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ٻن سالن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام بدترين ڀارتي گهيراءُ کي منهن ڏئي رهي آهي، سي?? علي گيلاني جي مڙهه جي بي حرمتي ڪئي وئي، انساني حقن جي ڪوڙن چيمپيئنز ان جي خواهش موجب تدفين جي اجازت تائين نه ڏني. هن چيو ته ٺوس ثبوتن ??ان ا??ان 131 صحفن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ڪيو جنهن ۾ ڀارتي قابض فوج جي جنگي ڏوهن جا ثبوت آهن. پاڪستاني برطانوي ڪميونٽي پاڪستان جي آواز کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ا??ان چاهيون ٿا ته برطانوي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي، ا??ان چاهيون ٿا ته اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ٻٽي شهريت جي پابندي کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ تجربيڪار ماڻهو پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ اچن، پرڏيهي وزير چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کان 30 ارب ڊالر جو ??ٽاسٽا جو ??اڻو ملڪ آيو، هن چيو ته هلندڙ سال ا??ان 40 سالن کان گهٽ عمر جي ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪامياب پاڪستانين جي حوصلا افزائي جو ??يصلو ڪيو آهي.