لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي وڌيڪ مو??ر ۽ عوام کي کاڌي پي??ي جي شين جي گهٽ قيمت تي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ٿاڻن تائين عوام جي پُهچ ۽ انهن جي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ جامع طريقيڪار جوڙيو وڃي، پوليس سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي. هن اها ڳالهه هتي انتظامي ڍانچي جي بهتري جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب سردا?? علي خان شرڪت ڪئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل وزيراعظم عمران خان کي بر??فنگ ڏني. بر??فنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي انتظامي فيصلن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکيو ويندو، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ سهرين کي بنيادي کاڌي پي??ي جي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پي?? وڃن. ان کانسواءِ پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل اولين ترجيح آهي، پنجاب ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کي هر گ?? برداشت نه ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان کي آءِ جي پنجاب سردا?? علي خان سڄي صوبي ۾ پوليس جي اصلاحي ترجيحن تي بر??فنگ ڏني. پنجاب پوليس عوام جي بنيادي مسئلن ۽ شڪايتن کي فوري طور تي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي عوام جي سهولت لاءِ وڌيڪ مو??ر بڻايو وڃي ان کانسواءِ عوام کي کاڌي پي??ي جي شين جي فراهمي گهٽ قيمت تي يقيني بڻائي وڃي، وزيراعظم عمران خان خاص هدايت ڪئي ته عوام جي پوليس اسٽيشن تائين پهچ ۽ ان جي شڪايتن جي فوري داد رسي لاءِ مو??ر ميڪنزم جوڙيو وڃي. وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي زور ڏنو ته پوليس ڪنهن به قسم جي سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي.