اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي ??وس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حو??لي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي شاه محمود قريشي چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. پاڪستان هميشه افغان امن عمل جي حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??وس ”ٽرائيڪا پلس“ جو حصو هجڻ ڪري افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي افغان شه??ين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي. شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ??وس وچ ۾ گهرا ٻه طرفا لاڳاپا آهن. اسان پاسڪتان اسٽريم گيس پائپ لائين منصوبي تي جل?? عملدرآمد لاءِ پرعزم آهيون.