اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ وڌيڪ سنگل ميل عبور ڪري ورتا آهن ۽ جمع ڪرائي ويندڙ رقم ڏيڍ ارب ڊالر کان وڌي وئي ??هي. هڪ ٽوئيٽ ?? هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاران خوشخبري آهي ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ وڌيڪ سنگ ميل عبور ڪري ورتا آهن. جمعي ڏينهن روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ رقم ڏيڍ ارب ڊالر کان وڌي وئي جڏهن ته نئون پاڪستان س??ٽيفڪيٽس ۾ سيڙپڪاري 1 ارب ڊالر کان وڌي وئي ??هي. وزيراعظم چيو ته اڪائونٽس ۽ ڊيپازٽس 2 مهينا اڳ جي هڪ ا??ب ڊالر جي ايونٽ کانپوءِ نئون رڪارڊ قائم ڪيو ??هي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندڙ رقم جا ماهوار تفصيل پڻ پيش ڪيا آهن.