اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيش?? جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جاري مهم ۽ ڪووڊ – 19 سبب پيدا ٿيندڙ صحت ??ي چئلينج?? کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستا?? جي قدمن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪمزور ماڻهن ??ي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خاص طور تي صحت ??ي خدمتن تائين عالمگير په?? جي فروغ ۽ وچڙندڙ بيماري?? جي روڪٿام لاءِ بل اينڊ ملنڊا گيٽ فائونڊيش?? جي ڪوشش?? کي ساراهيو. هن خاص طور تي پاڪستا?? کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فائونڊيش?? جي حصيداري تي ٿوري جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اهم قومي ترجيح آهي ۽ ڪورونا وبا جي چئلينج جي باوجود سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم کي تيز ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هلندڙ مهيني 7 کان 11 جون تائين سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم جو هن ذڪر ڪيو جنهن دوران پنج سالن کان گهٽ عمر جي 33 ملين ٻار?? کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پياري ويا، ويراعظم ملڪ ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڀرپور اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورن حصيدار?? جي تعاون سان پوليو جو خاتمو جلد ڪيو ويندو. بل گيٽس ان قومي مقصد لاءِ وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.