تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي پسماندگي جو سبب ماضي جا حڪمران آهن، ماضي ۾ بلوچستان جي س??اس?? اڳواڻن به عوام بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني، ماضي ۾ س??اس?? اڳواڻن بلوچستان کان وڌيڪ لنڊن ۽ هڪ اڳوڻي صدر بلوچستان کان وڌيڪ دبئي جا دورا ڪيا، موجوده حڪومت جي دور ۾ س??اس?? مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري بلوچستان تي خصوصي ??يان ان لاءِ ڏنو پيو وڃي ته اهو ترقي ۾ پوئتي آهي، ڪمزور طبقن کي سهولت فراهم ڪرڻ کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، نئ??ن پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بلوچستان ۾ به شروع ڪئي ويندي، موثر معاشي پاليسين جي ڪري ڪورونا جي باوجود ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، 17 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪا??ون?? پلس آهي، گذريل چئن مهينن ۾ ڪو به نئ??ن قرض ناهي ورتو ويو، ڪورونا جي ٻي لهر سان پاڪستان به متاثر ٿي رهيو آهي، حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. هو هت?? ڏکڻ ضلعن جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪري رهيو هو.