ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي: وزيراعظم

image

اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي، سعودي عرب، قطر، يو اي اي، چين سميت دوست ملڪ وقت سر مدد نه ڪن ها ته پاڪستان ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو هجي ها، موجوده حڪومت کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو مالياتي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ورثي ۾ مليو جنهن جي ڪري ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي تي دٻاءُ وڌيو آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، رڪارڊ خسارو ڇڏي ويندڙ هاڻي ملڪ کي غيرمستحڪم ۽ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، قيادت جو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ هجي ها ته ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه هجن ها، رپئي جي قدر گهٽ ٿيڻ ۽ ڊالر جي وڌڻ سان ماضي جي حڪمرانن جي اثاثن جي قيمت وڌندي پئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هڪ نجي ٽي وي چينل اي آر وائي جي پروگرام ۾ پينل انٽرويو دوران ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ