اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، ايندڙ هفتي کان ان ڏس ۾ حڪومتي حڪمت عملي تي عملدرآمد شروع ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته شين جي قيمتن ۾ اضافي جي سببن جو جا??زو وٺي رهيا آهيون، ايندڙ هفتي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا قدم کڻنداسين. ??ن چيو ته ان ڳالهه جو جا??زو وٺڻو آهي ته شين جي پهچ ۾ واقعي گهٽتائي آهي يا ان جو سبب ذخيره اندوزي آهي، ا??و به ڏسڻو آهي ته عالمي منڊي ۾ پام آئل، دالين ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ ڪو اضافو ٿيو.