اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جيلن ۾ بند انڊر ٽرائيل عورت قيدين جي سپريم ڪورٽ جي حڪم ??حت فوري آزادي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آه??. و??يراعظم عمران خان جي ٽوئيٽ موجب اهو فيصلو انساني حقن واري وزرات، اٽارني جنرل ۽ بئريسٽر علي ظ??ر سان ملاقات کانپوءِ ڪيو ويو، وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي 2020/299 تي فوري عملدرآمد جي ه??اي?? ڪئي ته جيئن انڊر ٽرائيل عورت قيدين ۽ اهڙيون سزا يافته عورتون جيڪي سپريم ڪورٽ جي حڪم ??حت آزادي لاءِ اهل آهن، کي آزاد ڪري سگهجي.