اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان عوامي جمهوريه بنگلاديش جي وزي??اع??م شيخ حسينه واجد کي ٽيلي فون ڪئي ۽ ساڻس بنگلاديش ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وائرس جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ بنگلاديش جي حڪومت طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو. وزي??اع??م آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجز جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ کنيل قدمن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزي??اع??م عمران خان شيخ حسينه واجد کي پنهنجي حڪومت طرفان عوام جون زند??يو?? ۽ معاش جو ذريعو بچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن بنگلاديش جي وزي??اع??م کي اسرندڙ ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي شروع ڪيل پنهنجي قدمن ۽ ڳالهين کان به آگاهه ڪيو. وزي??اع??م بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي به افسوس ۽ همدردي ??و اظهار ڪيو ۽ ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيندڙن جي جلد بحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزي??اع??م عمران خان پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي رابطن ۽ عوام جي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا تي زور ڏنو، وزي??اع??م عمران خان سارڪ سان پاڪستان جي ڪمٽمينٽ جو اعلان ڪندي پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون وڌائڻ جي سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.