اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان القادر يونيورسٽي جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل يونيورسٽي ۾ نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تع??يم کان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد تع??يم جي پڻ منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن کي موجوده وقت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيرت النبي صه ۽ صوفين جي تع??يم جي فروغ جي حوالي سان تعمير ڪئي ويندڙ القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائز?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جميل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظم کي القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت ??فص??لي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم ??مران خان اسلامي قدرن ۽ صوفين جي تع??يم جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته معاشري جي اصل روح ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تع??يم کان روشناس ڪرايو وڃي.