اسلام آباد/لاهور – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته موجوده حڪومت محدود وسيلن جي باوجود مسئلن تي ضابطو آڻي ورتو آهي، ايندڙ 15 سالن لاءِ بجلي جي ضرورتن م??جب پيداواري منصوبا مڪمل ڪيا آهن، بيروزگاري جي خاتمي ۾ صنعت جو ڪردار ب??يادي اهميت رکندڙ آهي، صنعتڪارن کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي.سن??ر انڊسٽريل اسٽيٽ لاهور ۾ فاسٽ ڪيبل طرفان ملڪ جي پهرين سي سي وي لائين ۽ ايلومينيم لائي مينوفيڪچرنگ پلانٽ جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪ??دي هن چيو ته فاسٽ ڪيبل طرفان سي سي وي ڪيبل جي پهرين جديد ترين پلانٽ جو افتتاح خوش آئنده آهي جنهن سان بجلي جي پيداواري خرچن ۽ ترسيل جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.