اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا پاران جي آءِ ٽي کي رياست جي طاقت فراهم ڪئي وئي آهي، جي آءِ ٽي 60 ڏينهن ۾ جيڪڏهن انگلينڊ، پاناما، يو اي اي ۽ قطر مان ڪاغذ حاصل نه ڪيا ته پوءِ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي، جي آءِ ٽي پاناما جي جاچ ڪرڻ بدران حديبيه پيپرز جي جاچ ۾ لڳي وئي آهي، ماڻهن کي واعدي معاف گواهه بڻجڻ جي ??اءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، قطر ايئرلائين جي ٽڪيٽ سستي ترين آهي، جي آءِ ٽي جيڪڏهن پوري نه ٿي وڃي سگهي ته پنهنجي ??يمبرن کي ئ?? قطر موڪل?? قطري شهري جو بيان وٺي ها، شريف فميلي جي ڪاروبار جي حوالي سان قطري شهري جو خط ۽ ڊاڪيومينٽس ان حوالي سان اهم ترين آهن، جاچ جي ??اءِ مدو مڪمل ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ قطري شهري کي آخري خ?? لکڻ جو مطلب جي آءِ ٽي پنهنجي ??دي ۾ واڌ چاهي ٿي. هو قومي خ??برو اداري اي پي پي کي خ??وصي انٽرويو ڏئي رهيو هو. وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته شريف خاندان پاناما دستاويز ڪيس ۾ عدل ۽ انصاف جي اميد تي پنهنجي ??انوني ۽ آئيني حق تان هٿ کڻي اخلاقي فرض ادا ڪندي پاڻ کي احتساب جي ??اءِ پيش ڪيو پر جي آءِ ٽي جي آئين ۽ قانون کان مٿانهين طريقيڪار سان ڪجهه شڪ پيدا ٿي رهيا آهن.