اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان فلپائن، ايران ۽ روانڊا ??ان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام ??ان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳپان کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلپائن ۽ ايران جي نامزد سفيرن ۽ روانڊا جي نامزد غيرمقيم هاءِ ڪمشن?? سان ايوان صدر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن کيس پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ انهن ??ان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. صدر فلپائن جي نامزد سفير ماري?? سروينٽس ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي چي?? ته پاڪستان فلپائن ??ان تعاون جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۽ فلپائن جي وچ ۾ ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صد?? سان پاڪستان جي لاءِ نامزد ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم اداراجاتي نظام ۽ نجي شعبي جي تعاون ??ان اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چي?? ته ايران ??ان موجوده اداراجاتي نظام مضبوط بڻائڻ ۽ بارڊر مارڪيٽس فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. صد?? سان پاڪستان ۾ روانڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جيمز ڪيمونيو پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي روانڊا ??ان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چي?? ته ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ڪاروباري برادرين کي دورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چي?? ته روانڊا جا واپاري مختلف مصنوعات جي درآمد لاءِ پاڪستاني مارڪيٽ جو جائزو وٺن. صدر پاڪستان جي لاءِ نامزد سفيرن کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.