اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفارتخاني ۾ آمريڪا جي 247 هين قومي ڏهاڙي جي تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ ان جي عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آمريڪا برابري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي 75 سالن وارن دوستاڻن لاڳاپن ۾ لاها چاڙها رهيا آهن پر هاڻي آمريڪا سان اسان جا تمام سٺا لاڳاپا آهن. آمريڪا اسان جو وڏو واپاري حصيدار آهي. هن چ??و ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي ڪم ڪيو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 80 هزار پاڪستانين پنهنجي جانين جي قرباني ڏني. وڏي پئماني تي مالي نقصان ٿيو پر ان جي باوجود دهشتگردي جي خلاف اسان جو عزم پختو آهي. هن چ??و ته اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهن جي صلاحيتن مان انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چ??و ته گذريل سال پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي جنهن سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا. ان مشڪل وقت تي آمريڪا اسان جي وڏي مدد ڪئي. هن چ??و ته ويجهي ماضي ۾ غلط فهمين جي ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپا متاثر ٿيا پر موجوده حڪومت جي سنجيده ڪوششن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بحال ڪيو ويو. هن يقين ڏياريو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداس??ن ۽ انهن لاڳاپن کي بلندين تائين وٺي وينداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا جو اعليٰ سطحي وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي خ??اب ڪندي پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان کي هن وقت معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان پاڪستان سان واپار سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپا ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.