اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني پرڏيهي وزير يوشيماسا هايا شي جي دعوت تي 2 کان 3 جولاءِ تائين جاپان جو سرڪاري دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پرڏيهي وزير ٽوڪيو ۾ جاپاني پرڏيهي وزير يوشيماسا هايا شي سان اهم ڳالهه ٻولهه ڪندو. ٻئي پرڏيهي وزير ٻطرفي ??اپار ۽ سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تع??يم?? انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي ??ڳو??ڻ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي، ڊگهي مدي وارن فورمن ۾ تعاون ۽ مڪالمي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.