ڪراچي – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ ٽن اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو ??رداري چيو ته ش??يد اهلڪارن نائيڪ صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين کي ملڪ جي خاطر جان نڇاور ڪرڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ش??يد اهلڪارن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي، ش??يد قوم جا بهادر فرزند هئا. بلاول ڀٽو ??رداري دهشتگردن کي جهنم رسيد ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏن??. ه?? چيو ته دنيا ڏسي وٺي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف منه?? ڏئي رهيو آهي، فتح انسانيت جي ٿيندي.