اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ موثر قانونسازي ۽ ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ انتظامي معاملن جي لاءِ ان جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين وار?? وفاقي وزير اسحاق ڊار ?? واپار وار?? وفاقي وزير سيد نويد قمر پڻ موجود هئا.