اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ست??ن ٽيليويزن، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جي ناليواري اداڪار قوي خان جي لاڏاڻي تي گهري افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مرحوم جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته قوي خان جي لاڏاڻي سان پا??ست??ن هڪ ليجينڊ اداڪار کان محروم ٿي ويو. قوي خان هڪ اڪيڊمي جي حيثيت رکندو هو، ان جهڙو اداڪار صدين ۾ پيدا ٿين??و آهي. قوي خان ريڊيو پا??ست??ن پشاور کان چائلڊ اسٽار طور ڪم شروع ڪيو، جيڪو ان جي فطري ٽيلينٽ جو ثبوت آهي. هن چيو ته قوي خان ورسٽائل اداڪار هو، جن??ن هر طرح جو ڪردار بهتر طور تي ادا ڪيو ۽ ان جي اداڪاري حقيقت جي ويجهو ۽ قدرتي هئي. هو پا??ست??ن ٽيليويزن جي ان شروعاتي اداڪارن مان هو جن پا??ست??ن ٽيليويزن ڊرامن جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ”لاکهون مين تين“ ۽ ”انڌيرا اجالا“ ۾ سندس اداڪاري عوام جي ذهنن تي اڄ به زندهه آهي. وزيراعظم چيو ته تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز جي اعزاز قوي خان جي فنڪاراڻي صلاحيتن جو رياستي سطح تي اعتراف آهي. پا??ست??ن ٽيليويزن ۽ فلم جا ناظرين سندس کوٽ سدائين محسوس ڪندا رهندا. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.