اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته حڪومت ملڪ?? معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا هاڃيڪار اثر درپيش آهن، موجوده حڪومت کي گذريل حڪومت جي بدانتظامي جي مسئلن کانسواءِ ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جو مقابلو ڪرڻو پيو، غ??رض??وري درآمدات ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترج??ح آهي، سمورين مشڪلاتن جي باوجود حڪومت ڏينهن رات محنت سان ملڪ?? معيشت جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي مالياتي فرم روٿ چائلڊ اينڊ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستان ج?? معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻير هي آهي. هن وڌيڪ چيو ته غ??رض??وري درآمدات ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترج??ح آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا هاڃيڪار اثر به درپيش ??هن. وفد پاڪستان ج?? معاشي صورتحال کي مستحڪم قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي باصلاحيت افرادي قوت ان جي اصل طاقت آهي. وفد وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج خطي جي بهتر ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينجز مان هڪ آهي. وفد جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان تازن ڏينهن ۾ عالمي سطح تي موثر انداز ۾ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن بابت آگاهي پيدا ڪئي، پاڪستان ج?? معيشت جي لاءِ موجوده حڪومت جا قدم ان کي مثبت رخ طرف گامزن ڪري رهيا ??هن. ملاقات ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.