اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان آئين، قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو بڻايو، هن شخص ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ تي حملي جي لاءِ اتساهيو، عمران خان کي ملندڙ مهلت ٻين جوابدارن کي ڇو نه آهي؟ عدليه جو مذاق اڏائڻ وارو جاچ ادارن سان ڪهڙو تعاون ??ند??؟ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اڄ عوام ٽي وي اسڪرينز تي پاڪستان جي آئين، قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو ڏسي رهي آهي ته هڪ شخص جنهن کي عدالت گهرائي رهي آهي هو عدالت اچڻ کان انڪاري آهي، هي شخص پاڪستان جي هر عدالت ۾ گهربل آهي جيڪو ڪڏهن ايمبولينس گهري ٿو ۽ ڪڏهن وهيل چيئر، ڪڏهن مهلت، هي شخص ڏوهاري آهي جنهن جي ضمانت جي پٽيشن تي ان جون پنهنجون صحيحون نه آهن ۽ هي ڏوهاري عدالت تي حملي آور آهي. هن چ??و ته جيڪا سهولت عمران خان کي فراهم ڪئي پئي وڃي ڇا اها پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي به حاصل آهي؟ هن چ??و ته ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته عمران نيازي زمان پارڪ کان عدالت نه ٿو اچي ??گه?? ۽ ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته هو گاڏي مان نڪري جي آڏو پيش نه ٿو ٿي ??گه??، جج صاحب پنهنجي رجسٽرار کي عمران خان صاحب وٽ موڪلي صحيحن جي تصديق ڪرائي وٺي. هن چ??و ته ڇا اها سهولت عدالت پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي به فراهم ??ند??؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان سوشل ميڊيا تي ڪال ڏني ته هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪريو، هن کي سيشن ڪورٽ گهرائي ته گار ۽ ڌمڪي ڏي ٿو. هن چ??و ته اڄ جيل ڀر??و تحريڪ جا نعرا هڻندڙ جعلي صحيحن جي ذريعي عدالت کان بيل وٺڻ آيو آهي، جڏهن عدالت عمران خان کي طلب ڪري ٿي ته هو چوي ٿو ته آئون ڪو نه ايندس، جڏهن عمران خان کي مهلت ڏني وڃي ٿي ته هي پاڪستان جي عوام کي عدالت تي حملي لاءِ اتساهي ٿو ته هلو هلو لاهور هاءِ ڪورٽ هلو، اهو قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو آهي. هن چ??و ته نواز شريف جي پنهنجي حڪومت ۾ کيس جڏهن نيب جي عدالت ۾ گهرايو ويندو هو ته ڪنهن وزير کي نيب جي عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي، احسن اقبال صاحب کي ٻاهر روڪيو ويندو هو جيڪو ان وقت گهرو وزير هو. هن چ??و ته عمران خان عدالت جي احاطي ۾ ماڻهن کي عدالت تي حملي جي ڪال ڏني، عمران خان جي وڪيل جج صاحب کي چ??و ته توهان عمران خان وٽ ماڻهو موڪليو ۽ صحيحون وٺي ڇڏي. اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪ??و ته سڀاڻي صبح جن جي پٽيشنون آهن، اهي پاڻ سان گڏ ماڻهو وٺي اچن ته انهن کي به عمران خان واري سهولت فراهم هوندي؟ انهن جي لاءِ به خاص عدالت لڳندي؟ هن چ??و ته جيڪو شخص عدالت آڏو پيش نه ٿو ٿئي اهو ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيندو؟ ايف آءِ اي چئي رهي آهي ته اسان کي هن ماڻهو کان جاچ ڪرڻي آهي، جيڪو ڪورٽ جي نه ٿو ٻڌي اهو ايف آءِ اي آڏو جاچ جي لاءِ پيش ٿيندو؟ عدالت عمران خان جي گرفتاري جو آرڊر ڇو نه ٿي ڏي؟ هن چ??و ته اهي سمورا ماڻهو جيڪي ايف آءِ اي، نيب، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ گهربل آهن، انهن سڀني کي به اها سهولت فراهم ڪئي وڃي جيڪا عمران خان کي ڏني پئي وڃي. هن چ??و ته نواز شريف ٽي ڀيرا جو چونڊيل وزيراعظم هو، هن ڪلثوم نواز جي بيماري دوران ٽن ڏينهن جي مهلت گهري هئي جيڪا کيس نه ڏني وئي ۽ هو اڳئين ڏينهن ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته هُن ڄاتو ٿي ته هي ڪوڙو ۽ سياسي انتقام جو ڪيس آهي پر هن عدالت جو مذاق نه اڏايو، جي آءِ ٽي ۾ به پيش ٿيو ۽ عدالت ۾ به پيش ٿيو. هن چ??و ته شهباز شريف مُخالف ڌُر اڳواڻ هو، ٻه ڀيرا کيس گرفتار ڪيو ويو، هر ڏينهن هو عدالت ۾ پيش ٿيندو هو، هن عدالتي نظام جو مذاق نه اڏايو. هن چ??و ته عمران خان صدر پاڪستان جي آفيس کي به سياسي اکاڙو بڻائي رکيو آهي، جيڪو شخص اڄ چئي رهيو آهي ته آمريڪي سازش نه ٿي هئي، ان شخص صدر کي آمريڪي سازش جو چئي پارليامينٽ ٽوڙڻ جو چيو، عمران خان چاهي ٿو ته صدر چيف اليڪشن ڪمشنر به بڻجي وڃي، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به. هن چ??و ته جيڪو عدالت ۽ قانون جي ڳالهه نه ٿو مڃي اهو لاڏلو آهي ۽ ان کي اها سهولت ڇو ميسر آهي؟ هن چ??و ته اڄ پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آهي ته هڪ ڏوهاري کي بار بار آواز ڏنا پيا وڃن، ان جي لاءِ بار بار ڪارروائي ملتوي ڪئي پئي وڃي پر هو عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ??ند?? رهيو. هي شخص ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ تي حملي آور ٿيڻ جي لاءِ اتساهي رهيو آهي. هن چ??و ته هن شخص جيل ڀر??و تحريڪ سان جيل ڀرڻي هئي هو گاڏي مان لهي جج صاحب آڏو پيش نه ٿي رهيو آهي ته ڪٿي ان کي گرفتار نه ڪيو وڃي، ان جو وڪيل عدالت کي چئي رهيو آهي ته هو پنهنجي رجسٽرار کي عمران خان وٽ گاڏي ۾ موڪلي صحيحون ڪرائي وٺي ڇو ته ان سان گڏ ماڻهو وڌيڪ آهن هو عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي ??گه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان پنهنجي اقتدار دوران رياستي طاقت کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو، اڄ هو هن ملڪ جي قانون ۽ آئين جو تماشو بڻائي رهيو آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو نه آهي. هن چ??و ته عمران خان جي بدنيتي مان ثابت ٿئي ٿو ته هو جاچ ۾ شامل نه ٿيندو، ڏوهاري جو ڪنڊڪٽ ثابت ڪري ٿو ته جيڪو عدالت آڏو پيش نه ٿو ٿئي اهو ايف آءِ اي آڏو به پيش نه ٿيندو.