ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪارو??ار?? ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ ان سلسلي ۾ چونڊ?? جي ذريعي سياسي نظام تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي دنيا سان هم آهنگ رهڻ ۽ صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اوورسيز انويسٽر چيمبر آف ڪا??رس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته وسيع سياسي اونرشپ مثبت تبديلي جي لاءِ اهم آهي ۽ اهو رڳو چونڊن ذريعي ئي ممڪن آهي. پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي صلاحيت تي ڳالهائيندي صدر چيو ته هو پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي جي ترقي جو سڀ کان وڏو حامي رهيو آهي، آءِ ٽي جو شعبو قومي نه پر عالمي بنيادي ڍانچي تي ٻڌل آهي ۽ ا?? جي لاءِ افرادي قوت جي ضرورت آهي، هي اها شيءَ آهي جنهن سان پاڪستان موجوده مشڪل وقت ۾ به فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر چيو ته ملڪ کي درپيش ڏکئي مسئل?? جي آسان حل جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ان موقعي تي وفد صدر کي تازو ئي ڪيل ڪارو??ار?? اعتماد سان لاڳاپيل سروي بابت آگاهه ڪيو. وفد پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ٽرانسفارميش?? جي حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي پريزنٽيشن ۾ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري، اي گورننس، ويب 3.0 ٽيڪنالاجيز جي انٽيگريشن ۽ امڪاني پاليسي آپ??نز جي طور تي ڊيجيٽل ريگيوليشنز تي ??وش??ي وڌي وئي.