اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) شام جي زلزل?? متاثرين جي امداد لاءِ 20 رڪني ميڊيڪل ۽ ريسڪيو ٽيمون امدادي سامان سان گڏ دمشق روانيون ڪري ڇڏيون. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب شام جي لاءِ موڪليل امدادي ٽيمن ?? پمز مان 10 ڊاڪٽر، جڏهن ته سي ڊي اي جي 10 رڪني ريسڪيو ٽيم شامل آهي. ان کانسواءِ سرديءَ جي لاءِ 130 فيملي خيما ۽ 3966 ڪلوگرام دوائن تي ٻڌل امدادي کيپ به رواني ڪئي وئي آهي. شام جي لاءِ ٽيمن کي سيفران واري وفاقي وزير طلحيٰ محمود ۽ خصوصي صلاحڪار حامد حميد رخصت ڪيو. ريسڪيو ۽ ميڊيڪل ٽيمون پي آءِ اي جي خصوصي جهاز بوئنگ 777 جي ذريعي دمشق پهچنديون. ريسڪيو ٽيمون شام ج?? متاثر علائقن ۾ اربن سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺنديون.