اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيلي ميل جي معذرت مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي، شهباز ??ريف تي ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، معافي ڊيلي ميل کي نه عمران خان ۽ شهزاد اڪبر کي وٺڻ گهرجي، جن ڊيوڊ روز ک?? ڀر ۾ ويهاري شهباز ??ريف جي خلاف سازش ڪئي. پنهن??ي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڊيلي ميل جي معافي سان رڳ?? شهباز ??ريف نه پر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام سرخرو ٿي آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر شريف خاندان تي بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام هنيا، عمران خان 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو. هن چيو ته عمران خان نيب جو ريفرنس ڊيلي ميل وارن جي حوالي ڪيو هو، عمران خان ڊيوڊ روز کي گهرائي پنهنج?? ڀر ۾ ويهاري شهباز ??ريف جي خلاف سازش ڪئي ۽ ان کان ٽاڪ شوز ڪرايا، هي چوندا هئا ته شهباز ??ريف زلزلي سٽيلن جا پئسا کائي ويو، هنن ان شخص تي الزام هنيا جنهن 10 سال پنهنجي رت پگهر سان پنجاب کي ترقي ڏني. هن چيو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر ماڻهن جا پٽڪا لاٿا، انهن تي الزام هنيا، ڊيلي ميل جيڪي الزام هنيا ان تي هي عدالت ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز ??ريف جي خلاف پورو ڪيس ٽرائل مان گذريو جنهن کانپوءِ ڊيلي ميل شهباز ??ريف کان غيرمشروط معافي ورتي. هن چيو ته الل?? جو شڪر آهي مسلم ليگ (ن) جا سمورا اڳواڻ ڪرپشن جي ڪوڙن الزامن مان سرخرو ٿي رهيا آهن.