بيجنگ – 04 – نومبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪاميابين ۽ ترقي جي گڏيل منزل حاصل ڪرڻ، خطي ۽ پوري دنيا ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ چين سان گڏجي ڪم ڪن??و، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته چين و??يڪ ترقي ڪن??و ۽ پاڪ چين دوستاڻا لاڳاپا و??يڪ گهرا ۽ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن شنهوا کي هڪ انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته توهان کي 1981ع ۾ رستي تي شايد ئي ڪا ڪار نظر ايندي هجي، رڳو بسون ۽ سائيڪلون نظر اينديون هيون ۽ ڪيترن ئي سالن ۾ پورو ملڪ بدلجي ويو آهي ۽ دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي معيشت بڻجي ويو آهي، اهو پنهنجي نوعيت جو هڪ معجزو آهي. هن چيو ته اهو چين جي ڪميونسٽ پارٽي، ان جي اڳواڻن جي بصيرت انگيز قيادت، انهن جي ويزن، قربانين ۽ جي ڪري آهي. وزيراعظم چيو ته چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي 20 هين نيشنل ڪانگريس پوري دنيا ۾ هڪ تمام واضح پيغام ڏنو ته چين تسلسل، استحڪام ۽ پرامن گڏيل بقاءَ سان گڏ بيٺل آهي. مڪمل غربت ??ي خاتمي، روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ، تعليم ۽ صحت جي سارسنڀال کي بهتر بڻائڻ ۾ چين جي ڪاميابين کي اجاگر ڪن??ي شهباز شريف چيو ته شي جن پنگ جي سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري طور تي ٻيهر چونڊ نه رڳو چين عوام پر دوست ملڪن جي ل??ءِ به اهم آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي اڄ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن کانسواءِ دنيا اڳتي نه ٿي وڌي سگهي، اهو ڪاميابين جو هڪ عظيم احساس آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان چين کان سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. شهباز شريف چيو ته کيس ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته چين و??يڪ ترقي ڪن??و ۽ پاڪ چين دوستاڻا لاڳاپا و??يڪ گهرا ۽ مضبوط ٿيندا، پاڪستان ۽ چين سفارتي ل??ڳاپن جي قيام کانپوءِ 7 ڏهاڪن دوران هڪ بي مثال ۽ منفرد دوستي يا گڏيل ڀائيچاري جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون جي بنياد تي ل??ڳاپن کي فروغ ڏنو آهي. شهباز شريف پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پاڪستان جي بجلي، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ تبديلي آڻڻ جي ل??ءِ هڪ گيم چينجر طور تي ساراهيو. هن چيو ته اهي سي پيڪ توانائي جا منصوبا چين جي مقابلي ۾ و??يڪ تيزي سان مڪمل ڪيا ويا. وزيراعظم چين ۾ شينزن اسپيڊ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان کي اسان پاڪستان اسپيڊ چوندا آهيون ۽ اهو ئي ڀائيچارو، تعاون ۽ دوستي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سي پيڪ زراعت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ اڳئين مرحلي ۾ ويندو. شهباز شريف چيو ته هو قومن ۽ معاشرن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ چين جي تجويز ڪيل گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو ۽ گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو جي حمايت ڪري ٿو.