ڪراچي-14 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف (سي او اي ايس) جنرل قمر جاويد باجوه سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دؤرو ڪيو. جا??ي ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته سي او اي ايس ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪارروائين ۾ مصروف فوجي جوانن س??ن ملاقات ڪئي، جيڪي نوشهروفيروز ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ طبي ۽ انتظامي سارسنڀال ۾ مصروف آهن. سي او اي ايس مقامي ماڻهن س??ن پڻ ملاقات ڪئي ۽ کين خاط??ي ڪرائي ته پاڪستاني آ??مي سندن مڪمل بحالي تائين پنهنجون امدادي سرگرميون جاري رکندي. بعد ۾ سي او اي ايس سنڌ جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو هوائي جائز?? ورتو.ان کان اڳ ،سي او اي ايس جڏهن ڪراچي پهتو ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي ته ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد سندس آڌرڀاءُ ڪيو.