اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ انساني حقن واري وزارت جي تعاون سان کدڙن فقيرن جي لاءِ شڪايت داخل ڪرائڻ جو مرڪزي مئنيجمينٽ سسٽم لانچ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب اهو نظام کدڙا فقير شهرين کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان وزيراعظم جي انيشي ايٽو تحت متعارف ڪرايو ويو ??هي. کدڙا فقير ڪميونٽي پاڪستان جي سڀ کان پٺتي پيل ڪميونٽيز مان هڪ آهي، جن کي اڪثر انهن جي خاندانن ۽ معاشري پاران رد ڪيو وڃي ٿو. انهن کي جسماني ۽ ذهني طور تي تمام وڌيڪ امتيازي سلوڪ ۽ تشدد درپيش آهي. کدڙن فقيرن کي سوشل ميڊيا تي روزاني جي ب??ياد تي هراسان ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن تي تشدد ۽ حملن جا ??يترائي واقعا ٿين ٿا جڏهن ته پوليس کي ان جي اطلاع گهٽ ئي ملي ٿي. گذريل 5 مهينن ۾ کدڙن فقيرن جي قتل جي واقعن ۾ به اضافو ڏٺو ويو ??هي. اهم مسئلو اهو آهي ته انهن وٽ اهڙا خاندان نه آهن جيڪي انهن کي پنهنجو ڪرڻ جي لاءِ تيار هجن، ان جي لاءِ انهن سان بدسلوڪي ۽ حادثا ناقابل ڌيان ۽ لڪل رهجي وڃن ٿا. کدڙا فقير شهرين جي شڪايتن جي انتظام جو نظام شڪايت جي ازالي جي عمل کي هموار ۽ مرڪزي بڻائڻ ۾ اڳڀرائي آهي. اهو نظام انساني حقن جي وفاقي وزارت ۽ لاڳاپيل اي آئي جي آفيس کي سڄي ملڪ ۾ کدڙن فقيرن جي سوالن ۽ شڪايتن جو فوري ۽ موثر طريقي سان جواب ڏيڻ جي قابل بڻائيندو. ٽرانس جينڊر ڪمپلينٽ مئنيجمينٽ پورٽل web.citizenportal.gov.pk تي لائيو ??هي جتي کدڙا فقير شهري ڪنهن به مسئلي بابت سڌوسنئون پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا ۽ شڪايتن جي داخلا لاءِ 1099 تي ڪال به ڪري سگهن ٿا. لاڳاپيل اي آئي جي آفيس جي ذريعي شڪايت تي 24 ڪلاڪن جي اندر ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان جو ازالو ڪيو ويندو. انساني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده کدڙن فقيرن جي شڪايتن جي انتظام جي نظام جو افتتاح ڪندي چيو ??ه اسان جو ڌيان خدمتن جي فراهمي کي ب??تر بڻائڻ ۽ اڳ کان موجود انتظامن کي ب??تر بڻائڻ تي آهي جن ۾ ٽريڪنگ، درجابندي، نگراني ۽ ريسپانس جي لاءِ مناسب مڪينزم جي فراهمي شامل آهي. هي نظام کدڙن فقيرن بابت شڪايتن جو هڪ متفقه موقف فراهم ڪندو. وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ جي سربراهه سلمان صوفي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ??ه وزيراعظم اقليتن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقي جي سهولت لاءِ تمام گهري دلچسپي رکي ٿو ۽ هي قدم کدڙن فقيرن کي سهولت فراهم ڪندو ۽ هراسان ڪرڻ/ تشدد ۽ ٻين مسئلن جي واقعن جي امڪانن کي روڪيندو. جيڪڏهن شڪايتن کي مقرر ريوليوشن ٽائيم فريم ۾ حل نه ٿو ڪيو وڃي ته اهو نظام ۾ موجود هڪ فيچر شڪايت کي سڌوسنئون سربراهه، وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز ۽ لاڳاپيل آءِ جي آفيس تائين پهچائي ٿو. هن چيو ??ه هن سسٽم کي سمورين گهربل خاصيتن سان ليس ڪيو ويو ??هي ??نه?? کي منفرد رجسٽريشن نمبر جي ذريعي اسٽيٽس ٽريڪنگ، اضافي ۽ بندش جي رسيد، ته جيئن تجربي کي صارف دوست بڻائي سگهجي. انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري افضل لطيف پنهنجي خطاب ۾ چيو ??ه اسان جو آئين ان ڳالهه تي زور ڏي ٿو ته سمورن شهرين سان برابر سلوڪ ڪيو وڃي. هن چيو ??ه ڪمپلينٽ مئنيجمينٽ سسٽم صحيح رخ ۾ هڪ قدم آهي ??نه?? سان کدڙا فقير برادري ۾ تحفظ جو احساس پيدا ٿيندو. کدڙا فقير برادري جي اهم اڳواڻ ناياب علي خطاب ڪندي چيو ??ه هيلپ لائين جي قيام تي اسان وزيراعظم محمد شهباز شريف، سلمان صوفي ۽ انساني حقن واري وزارت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ??ه پاڪستان جي آئين کدڙن فقيرن کي سمورا حق ڏنا آهن. بدقسمتي سان هر ميدان ۾ کدڙن فقيرن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. روزانو کدڙن فقيرن جي قتل ۽ زيادتي جا واقعا ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا جڏهن ته اهڙو ڪو پليٽ فارم نه هو جتي وڃي شڪايتن جو سنجيدگي سان ازالو ٿئي. هن هيلپ لائين جي قيام سان اسان جي برادري کي هڪ بهترين فورم ميسر آيو ??هي جتي اهي ب??ا هٻڪ جي رابطو ڪري پنهنجي شڪايتن جي داخلا ڪرائي سگهن ٿا. هي پنهنجي نوعيت جو واحد پليٽ فارم آهي ??نه?? سان اسان جي برادري کي فائدو ٿيندو. هن چيو ??ه هن قدم تي آئون پنهنجي سموري کدڙا فقير برادري پاران وزيراعظم، سلمان صوفي ۽ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري جا ٿورا مڃان ٿي.