سرينگر – 03 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني ط??ر تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ پروفيسر عبدالغني بٽ چيو آهي ته ڪشميري عوام پر??ڻي ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجي پر??من آزادي جي جدوجهد جاري رکي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پروفيسر عبدالغني بٽ بڊگام جي مختلف علائقن مڪهامه، رتسونه ۽ سنور ڪالي پوره ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پا??ست??ن ۽ ڀارت کي والاريل ڪشمير سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشميري عوام خط?? ۾ امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پا??ست??ن ۽ ڀارت جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن جي خواهشمند آهي. هن چيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا حل طلب مسئلا خاص طور تي ڪشمير تڪرار کي بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ڳالهين واري عمل ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ چيو ته نه رڳو خط?? پر پوري دنيا جي جاگرافيائي سياسي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي جيڪا ننڍن ۽ غريب ملڪن جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته خط?? ۾ پائيدار امن جي لاءِ پا??ست??ن ۽ ڀارت ٻنهي کي ڳالهين ذريعي سمورن حل طلب مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي حل ڪرڻو پوندو.